
آمريڪا ۾ کيڏيل مونٽي ڪالوس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽرافي ۽ چيمپيئن شپ روس جي رانديگر ايڊريو روبلوف کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل مقابلي ۾ روس جي رانديگر اينڊريو روبلوف پوئين ٻن سيٽن ۾ ڊينمارڪ جي رانديگر هولگر روني کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، ان کان اڳ پهريون رائونڊ هولگر روني کٽي پاڻ کي بهترين پليئر ثابت ڪيو هو.