رانديون

آسٽريليا جي پهرين مقامي عورت ڪرڪيٽر فيٿ ٿامس لاڏاڻو ڪري وئي

آسٽريليا جي مقامي آبادي سان تعلق رکندڙ پهرين عورت ڪرڪيٽر فيٿ ٿامس لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق فيٿ ٿامس جنهن کي ميڊيا احترام طور آنٽي فيٿ پڻ لکندي رهي آهي، 1958ع ۾ انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ کيڏي، جنهن ۾ هن تيز بالر طور هڪڙي اننگز ۾ 5 ۽ مجموعي طور 10 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ فيٿ ٿامس 7 فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏا، جن ۾ 106 رنسون ڪيون. فيٿ ٿامس زندگي ۾  90 ورهين جي ڄمار ماڻي آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريليا فيٿ ٿامس کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو تھ فيٿ ٿامس پهرين مقامي آسٽريلين عورت طور ڪرڪيٽ کيڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button