رانديون

جئي سوريا جا 5 شڪار، آئرلينڊ 117 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون

سريلنڪا 6 وڪيٽن تي 591 رنسون ٺاهي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ٻھ بيٽر سينچريون هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ڪوشل مينڊس ۽ ڊيموٿ ڪرونارتني جي شاندار سنيچرين بعد وڌيڪ ٻن بيٽرن ڪوشل ميڊس 140 ۽ سديرا سماراوڪرما 102 رنسن جي اننگز کيڏي آئرلينڊ خلاف رنسن جو جبل ٺاهي ورتو آهي. جڏهن تھ آئرلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 7 وڪيٽون رڳو 117 رنسن تي وڃائي ڇڏيون آهن،

جن ۾ جيمس مڪ ڪولم 35، هيري ٽڪر 34 رنسن سان نمايان رهيا، اهڙي ريت ٻھ بيٽر بڙي ۽ ٻھ سنگل ڊجيٽ ۾ آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ پي جي مور 14 رنسون ڪيون. راند ختم ٿيڻ تائين لورڪن ٽڪر 21 ۽ اينڊي مڪبرائين 5 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. سريلنڪا جي بالر پرابٿ جي سوريا 5 وڪيٽون وٺي آئرلينڊ جي بيٽنگ تباهه ڪري ڇڏي، وشوا فرنانڊس 2 آئوٽ ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button