پاڪستانسنڌ

پنجاب جي ڪچي ۾ آپريشن، خطرناڪ ڏوهارين جا ٺڪاڻا تباهه

ڏھرڪي/اوٻاوڙو: پنجاب پوليس رحيم يار خان ۽ راجنپور جي ڪچي ۾ نائين ڏينهن آپريشن ڪري خطرناڪ ڏوھاري ڪوڪاڻي گينگ جي ٿاڪن کي تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو به جاري آهي. ٻئي طرف پوليس غني لاٺاڻي جي ٿاڪن کي تباهھ ڪري ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن. ان موقعي تي ڊي پي او رضوان عمر گوندل جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان پوليس فورس کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آپريشن ۾ هن وقت تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ۽ 6 گرفتار ڪيا ويا آهن، پوليس ڪچي کي نو گو ايريا سمجهي هزارين ايڪڙن تي مشتمل ايراضيءَ تي سرچ آپريشن ڪري ان کي ڏوهارين کان خالي ڪرائي پنھنجا ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button