سنڌ

سپريم ڪورٽ کي سنڌي ڳالهائيندڙ ججن لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو آهي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عيد دوران جيڪڏهن ٽرانسپورٽرن عوام کان مقرر ڀاڙن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي به پنهنجي مرضي نه ڪرڻ ڏينداسين. جيڪڏهن ٽرانسپورٽرن کي ان معاملي تي خدشا آهن ته حڪومت سان رابطو ڪن. هن چيو ته عيد تي ماڻهو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي جي هن طوفان ۾ ڪنهن به عام شهري تي بار نه پوي. هن چيو ته ڪنهن کي به عوام جي مجبوري جو فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير محنت سعيد غني ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سلمان عبدالله مراد سان گڏ سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسن جي ٻن روٽس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سڀاڻي (اڱاري) کان اليڪٽرڪ بس سروس جو ٽيون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي. جيڪو پاور چورنگي کان سهراب ڳوٺ، شاهراهه پاڪستان، تين هٽي، گرو مندر، ٽاور ۽ ايم اي جناح روڊ کان ٿيندو ڪيماڙي تائين ھوندو. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته آدمشماري واري معاملي تي سنڌ حڪومت کي سخت تحفظات آهن ۽ ان معاملي تي وفاق سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. وفاق کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي وفاق خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ حڪومت جا خدشا دور ڪيا ويندا. هن چيو ته آدمشماري جا حتمي نتيجا ظاهر ٿيندا ته خبر پوندي ته سنڌ حڪومت جي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪنھن حد تائين قدم کنيا ويا آهن. ملڪ جي ھاڻوڪي صورتحال تي ڳالھائيندي ھن چيو ته عمران خان ۽ زلمي خليل ٻئي چور ۽ ٺڳ آھن، جيڪي اڄ ھڪ پليٽ فارم تي آھن ، زلمي خليل زاد پاڪستان جي اندرين معاملن ۾سڌي مداخلت ڪري رهيو آهي. عمران خان ۽ زلمي خليل زاد ۾ ٻه ڳالھيون ھڪ جھڙيون آھن، ٻئي طالبان جا حمايتي آهن. ھن چيو ته عمران خان ملڪ جي ادارن ۽ معاشري کي ناقابل تلافي نقصان رسايو آهي ۽ پاڪستان جي ادارن ۽ سماج کي ورھائي ڇڏيو آهي، اڄ ان سبب ئي سپريم ڪورٽ جا ٻه حصا ٿي ويا آهن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻه سوچون ھلن ٿيون. هن چيو ته هڪ سوچ چوي ٿي ته اهي ئي سڀ ڪجهه آهن، انهن وٽ سمورا اختيار آهن. اها سوچ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي پارليامينٽ جي اختيارن کي مڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جيڪا قانون سازي ڪري رهي آهي، اها قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته اسان کي عدليه ۾ تقسيم تي ڏک ٿئي ٿو، پاڪستان پيپلز پارٽي عدليه جي آزادي تي يقين رکي ٿي، اسان ڪڏهن به عدالت سان ناهيون وڙهيا ۽ نه ئي عدالتن خلاف سازشون ڪيون آھن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي هميشه نشانو بڻايو ويو آهي. افتخار چوڌري ۽ ان کانپوءِ جيڪو به چيف جسٽس آيو، ان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان بغضِ رکيو. سندس چوڻ هو ته گذريل چئن چيف جسٽسن جي دور ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي ايليويٽ ڪيو ويو. ان ۾ هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ جج کي ناهي ورتو ويو. هن چيو ته سنڌ جو عوام سوال ڪري رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي سنڌي ڳالهائيندڙ ججن لاءِ نو گو ايريا ڇو بڻايو ويو آهي، ڇا سنڌي ڳالهائيندڙ ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي آهي؟ هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پنجين ۽ ڇهين نمبر جي ججن کي ترقي ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاق جي سوچ رکي ٿي، اسان تعصب تي يقين نٿا رکون. پر اها اسان جي ذميواري آهي ته جن جي مينڊيٽ سان اسان آيا آهيون، اسان انهن ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button