پاڪستانسنڌ

ٽنڊي الهيار ۾ هان ڏاريندڙ حادثو،ٻن معصوم ڀائرن ۽ پي سميت 5 ڄڻا فوت

ٽنڊوالهيار/ عثمان شاهه هڙي: ٽنڊوالهيار ۾ تيز رفتار ڪوچ موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ عيد جي موڪلن تي ٻارن کي گهر وٺي ويندڙ همراهه ٻن معصوم پٽن ۽ ٻن ڀائيٽن سميت فوت ٿي ويو. خبر موجب تعلقي جهنڊو مري جي ڳوٺ صالح خاصخيلي جو رهواسي خدابخش خاصخيلي عيد جي موڪلن سبب پنهنجي ٻن پٽن سڪندر ۽ عبدالرحيم سميت 4 ٻارن کي ٽنڊوالهيار جي خانزاده ڪالوني ۾ قائم مدرسي علي المرتضى مان وٺي صبح جو 8 وڳي واپس گهر وڃي رهيو هو ته ٽنڊوالهيار بائي پاس تي نصرپور روڊ وٽ نيو سبزي منڊي سامهون غلط سائيڊ کان ميرپورخاص کان ايندڙ تيز رفتار ڪوچ سندس موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو خدابخش خاصخيلي، سندس 2 پٽ 12 ورهين جو سڪندر، 10 ورهين جو عبدالرحيم، 10 ورهين جو لال محمد پٽ نظام الدين ۽ 13 ورهين جو عبدالڪريم پٽ حبيب الله خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ خدابخش خاصخيلي جا 2 ڀائيٽا به شامل آهن. اطلاع تي اي سيڪشن پوليس حادثي واري هنڌ پهچي وئي ۽ فوتي پي پٽن ۽ ڀائيٽن جا لاش کڻائي سول اسپتال آندا، حادثي بعد ڊرائيور ڪوچ ڇڏي فرار ٿي ويو، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش جهنڊو مري جي يوسي ميرآباد جي ڳوٺ محمد صالح خاصخيلي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، خدابخش خاصخيلي ۽ 4 ٻارن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن مير پپو ٽالپر، سيد امجد شاھه، مير سهيل ٽالپر، غلام عباس مري، حاجي خان محمد ساند، محمد نواز مري، مولوي عبدالشڪور ٿيٻو سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد فوتين کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن پوليس موجب ٻار ٽنڊوالهيار جي خانزاده ڪالوني ۾ علي المرتضى مدرسي جا طالب علم هئا، جيڪي عيد جي موڪل ڪري پنهنجي ڳوٺ صالح خاصخيلي وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي. رات دير تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻايل روڊ کي بند ڪري پري تائين ڪٽ ڏنو ويو آهي. جتي حادثا معمول بڻيل آهن. ٻئي پاسي وارثن علي رضا، خان محمد، دلبر ۽ امين خاصخيلي صحافين سان ڳالھائٔيندي چيو ته حادثو ضلعي انتظاميا جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، جڏھن ھي ديوار تيار ٿئي پئٔي ته علائٔقي واسين ۽ ٽنڊوالھيار واسين ڌرڻا به ھنيا ته بائي پاس تي ٺھندڙ ديوار تي يوٽرن يا فلائي اوور ٺاھيو وڃي، پر ضلعي انتظاميا ڪجهه نه ڪيو، نه ئي ڊي سي ڪنهن ڌرڻي ۾ اچي شهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي زحمت ڪئي. هنن گهر ڪئي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري فوتين جو ڪيس ضلعي انتظاميا خلاف داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button