پاڪستانسنڌ

اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا مختلف شهرن ۾ احتجاج

حيدرآباد: پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا لاڙڪاڻي ۾ جرنلسٽس رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس ذوالفقار خاصخيلي، ظفر ابڙو ۽ شوڪت نوناري جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب کان ڊي آ جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ لاڙڪاڻو بار جي صدر محمد رفيق ابڙو، ناليواري دانشور ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل، ايس يو پي اڳواڻ مظهر مغل، شيبا مغل، جسقم اڳواڻ اطهر سومرو، جسم ڪامريڊ ذوالفقار بليدي، سماجي اڳواڻ سرور سنڌو، لالا مقبول مشوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، ان پاڪ ڌرتي کي قبيلائي جهيڙي جي آڙاهه ۾ ڌڪي سنڌ جي شعور جو قتلام ڪيو پيو وڃي، جنهن جو تازو مثال ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي دهشتگردي ڪري پروفيسر اجمل ساوند کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، چند قبيلائي دهشتگرد سرعام هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري رهيا آهن، پر پوليس قاتلن جي گرفتاري لا ڪو قدم نه کنيو آهي. بڪيراشريف ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت رهواسين بچل خاصخيلي، ذوالفقار جروار، ذوالقرنیين جروار، ڊاڪٽر سارنگ مل، دليپ ڪمار، اسلم سهتو، ايوب گهمراڻي، نظير ميمڻ، راڻو مل، زاهد سولنگي، ممتاز رند ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. اڏيرو لال ۾ سعيد احمد جدگال، محمد طيب هڱورو، اسد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڀٽ شاهه ۾ گلفام شاهه، اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو ۽ شڪور ناز خاصخيلي احتجاج کان پو ڏيئا ٻاري مقتول نوجوان پروفيسر اجمل ساوند کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button