پاڪستانعالمي

ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لا هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا:نواز شريف

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن لاڏلي کي 2018ع ۾ ڌانڌلي ذريعي نه آندو وڃي ها ته اڄ پاڪستان گهڻو اڳتي وڃي چڪو هجي ها، اسان 2013ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ بعد پاڪستان کي ڏکياين مان ڪڍيو هو پر عمران خان جي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ ماڻهو بدحال ٿيا. مديني منوره ۾ ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته مسلم ليگ (ن) ئي عوام ۽ ملڪ کي تڪليفن مان ڪڍندي، نواز ليگ عوامي پارٽي آهي، چاهيون ٿا ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين ته جيئن پاڪستان کي ٻيهر ترقي جي دڳ تي آڻي سگهجي. هو هتي اڳوڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ۽ چيئرمين صوبا هزاره تحريڪ محمد يوسف ۽ مرڪزي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر حافظ سجاد قمر جي اعزاز ۾ پنهنجي پاران ڏنل دعوت افطار جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. هن ٻنهي اڳواڻن کي عمري جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪ به ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن نوازشريف کي عمرو ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون، جنهن تي نوازشريف سندن شڪريو ادا ڪيو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ لاڏلي کي ڌانڌلي ڪري آندو ويو ۽ ان ناڪام تجربي جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، جيڪڏهن لاڏلي کي ڌانڌلي ڪري نه آندو وڃي ها ته اڄ پاڪستان گهڻو اڳتي وڃي چڪو هجي ها. محمد يوسف چيو ته ميان نوازشريف پاڪستان جو اثاثو ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو ضامن آهي هن چيو ته ميان محمد نواز شريف پاڪستان کي باعزت ۽ باوقار مقام تي پهچايو آهي. هن چيو ته ڪوڙ ڪافي حد تائين وائکو ٿي چڪو آهي ۽ جلد مڪمل بي نقاب ٿي ويندو، جن ماڻهن کي زبردستي ملڪ تي مڙهيو ويو هو انهن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. پروفيسر سجاد قمر چيو ته ميان نوازشريف تي قسمت مهربان آهي پاڪستان هن وقت جنهن مشڪل ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button