پاڪستانخيبرپختونخوا

داسو ۾ چيني انجنيئر تي توهين مذهب جو الزام، عدالت رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪوهستان ۾ پوليس داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئر کي توهين مذهب جو الزام لڳڻ بعد پوليس جي تحويل ۾ ورتو ويو، جنهن کي ايبٽ آباد جي دهشتگردي روڪ عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي پوليس اهلڪار نصير الدين ٻڌايو ته آچر جي ڏينهن هجوم گڏ ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ چيني انجنيئر کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ سوين ماڻهن ضلعي پوليس اسٽيشن تي ڪاهه ڪري ڏني، جن جو خيال هو ته چيني شخص کي پوليس ٿاڻي اندر لڪائي ويهاريو آهي. پوليس اهلڪار ٻڌايو ته ڪاوڙيل هجوم جي امڪاني انتهائي قدم کان اڳ ئي چيني شخص کي فوجي هيليڪاپٽر ذريعي ٻئي ضلعي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ڄاڻايل شخص تي فرم جرم لاڳو ڪيو ويو هو پر هن بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته پراجيڪٽ جي انجنيئر تي توهين مذهب جو الزام ان وقت لڳايو ويو جڏهن هن رمضان جي مهيني دوران ڪم جي رفتار سست هجڻ تي اعتراض واريو. هڪ پوليس اهلڪار مطابق پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان روزي سان هئاسين پر ان ڳالهه جي ڪري ناهي ڪيو ته ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، جنهن سبب سپروائيزر سان تکن جملن جي ڏي وٺ ٿي. مزدورن الزام هنيو ته چيني انجنيئر منهن ماري دوران توهين جوڳا جملا پڻ چيا، جنهن بعد لڳ ڀڳ 400 مقامي ماڻهو احتجاج لا گڏ ٿي ويا. پوليس وٽ داخل ڪرايل لکت واري شڪايت ۾ چيني انجنيئر جي سڃاڻپ ٽرانسپورٽ سپروائيزر “تيان” جي نالي سان ڪئي وئي. داسو ۾ هڪ پوليس اهلڪار محمد نذير پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته چيني شهري کي احتياط طور محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سان لاڳاپيل چيني شهري کي ايبٽ آباد جي دهشتگردي روڪ عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button