پاڪستانپنجاب

باجوا آمريڪا ۽ سعودي سان منهنجي حڪومت جا لاڳاپا خراب ڪرڻ لا مهم هلائي:عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته باجوا منهنجي حڪومت جا آمريڪا ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جي مهم هلائي، جنهن جو مقصد ايڪسٽينشن حاصل ڪرڻ هو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران عمران خان بيان ڏنو ته آخري ڀيرو توهان آپريشن روڪيو هو پر پوليس گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، مون کي اطلاع مليو آهي ته عيد تي زمان پارڪ ۾ ٻيهر آپريشن ٿيندو ۽ مون کي خوف آهي ته اتي رتوڇاڻ ٿيندي. هن عدالت کي پوليس آپريشن روڪڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اهي کي چونڊون هارائڻ جو خوف آهي، اهي مون کي رڳو جيل نٿا موڪلڻ چاهين پر مون کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، اڳ ۾ به حملو ٿيو پر الله بچايو. پوءِ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته آئين موجب ڳالهين جي ضرورت ناهي، 90 ڏينهن کان ٻاهر چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، ان تي ملڪ جون سموريون ليگل ڪميونٽيز متفق آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جا آمريڪا ۽ سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا هئا، باجوا اسان جي خلاف مهم هلائي، ڇو ته هو واڌ چاهي پيو. عمران خان عدالت کي مخاطب ٿيندي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آخري ڀيرو اوهان آپريشن روڪيو هو پر پوليس گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، هي اليڪشن هارائڻ کان ڊنل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button