پاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻوڏ متاثر ڳڀي لا پريشان، گڏيل قومن 55 لک ڊالر اضافي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

گڏيل قومن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل سڀ کان ڪمزور طبقن کي خوراڪ ۽ غذا جي فراهمي لا هنگامي بنيادن تي 55 لک ڊالر وقف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن جو انگ ٻوڏ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ٻوڏ متاثر 15 ضلعن ۾ ڪيل سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڇهن 6 کان 23 مهينن جي عمر جا لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي 3 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي وچولي کوٽ جو شڪار ۽ 14 سيڪڙو شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهن، پريس رليز ۾ چيو ويو ته ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي ٻارن جي حالت هنگامي سطح تي پهتل هئي پر هاڻي ڳوٺن ۾ جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، 55 لک ڊالرن جو اضافي فنڊ يونيسيف، عالمي خوراڪ پروگرام، صحت جي عالمي تنظيم ۽ ٻين اين جي اوز کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان ڪمزور طبقن ۾ حڪومت جي نگراني هيٺ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ واري پروگرام ذريعي خوراڪ جي هنگامي فراهمي ۾ مدد ڪندو، گڏيل قومن جي آفيس ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته فنڊ اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button