رانديون

ڪيويز جي ڌماڪيدار واپسي، ٽئين ٽي 20 ۾ پاڪستان کي شڪست

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان هٿان لاڳيتو ٻھ ٽي 20 ميچ هارائڻ بعد ڌماڪيدار واپسي ڪندي پاڪستان کي سخت مقابلي بعد رڳو 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لاهور ۾ کيڏيل ٽيئن ٽي 20 ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي 164 رنسن جو هدف ڏنو،

نيوزيلينڊ جو بيٽر رنس وٺي رهيو آهي

جنهن جي پويان پاڪستاني ٽيم 159 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن بعد 5 ميچن واري سيريز ۾ پاڪستان 2 ۽ نيوزيلينڊ هڪ ميچ کٽي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، نيوزيلينڊ جي بيٽرن 5 وڪيٽن تي 163 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪپتان ٽام ليٿم 64 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڊيرل مچل 33 ۽ ول ينگ 17 رنسن سان نمايان رهيا، پاڪستاني بالرن شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2،2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان جي افتخار احمد 6 ڇڪن ۽ 3 چوڪن سان 60 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏندي ٽيم کي ڪاميابي ويجهو آڻي بيهاريو،

نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان ۾ ٽين ٽي 20 ميچ جو ڏيک

جنهن ۾ فهيم اشرف 27 رنسن سان سندس ساٿ ڏنو، پر ٻنهي آئوٽ ٿيڻ بعد باقي بيٽر پچ تي بيهي نھ سگهيا ۽ ٽيم 159 رنسن تي آئوٽ ٿي شڪست کائي وئي، ڪيوي بالرن جيمز نشام 3، ايڊم مائلني ۽ راچن رويندر 2،2 وڪيٽون ورتيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button