رانديون

تنقيد ڪندڙن جا راز کوليا تھ مداح ڪرڪيٽ نھ ڏسندا: عمر اڪمل

پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڌمڪي ڏيڻ واري انداز ۾ سندس مٿان تنقيد ڪندڙ ڪرڪيٽرن بابت چيو آهي تھ جيڪڏهن مون انهن جا راز کوليا ۽ ڳالهيون ٻڌايون تھ مداح ڪرڪيٽ ئي ڏسڻ ڇڏي ڏيندا. هڪ شو ۾ انٽرويو دوران ميزبان پاران ڊانس وڊيوز تي تنقيد بابت سوال جي جواب ۾ عمر اڪمل ٻڌايو تھ ماڻهو ڀينرن ۽ ڀائرن سان ويجهي رشتي جي شادي ۽ خوشي جي موقعي تي جيڪڏهن خوش نھ ٿئي، ڊانس نھ ڪري تھ ڇا ڪنهن ٻاهر واري لا ائين ڪندو، هي جيڪي مون کي ميچوئر نھ هجڻ جو چئي تنقيد ڪري رهيا آهن، مون انهن سان گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي. هن چيو تھ انهن جا تمام گهڻا راز مون وٽ آهن، مان چوان ٿو تھ مان توهان جي عزت ڪندو آهيان، تنهنڪري مون کي ڪجهه چوڻ تي مجبور نھ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button