رانديون

اي سي سي پريميئر ليگ ۾ هانگ ڪانگ ۽ نيپال ميچ کٽي ورتا

اي سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ليگ ۾ نيپال ۽ هانگ ڪانگ پنهنجي پنهنجي رائونڊ واريون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ملائشيا 9 وڪيٽن تي 235 رنسون ڪيون، جن ۾ احمد فيض 76، ويرنديپ 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ جواب ۾ نيپال جي ٽيم 4 وڪيٽن تي 237 رنسون ٺاهي ميچ 6 وڪيٽن تان کٽي ورتي، جنهن ۾ ڀيم شرڪي 71، ڪوشل مالا 70، روهت ڪمار 42 ۽ ڪوشل ڀرٽي 38 رنسن سان نمايان رهيا. ٻي ميچ ۾ سنگاپور 174 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ارترا دتا 49 رنسن سان نمايان رهيو، آريان مودي 22، ڪالي موٺو 18 رنسن سان نمايان رهيا، هانگ ڪانگ جي بالر احسان خان 4 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي. هانگ ڪانگ جي ٽيم 2 وڪيٽن تي هدف پورو ڪري ميچ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button