رانديون

آئرلينڊ فالوآن جو شڪار، سريلنڪا اننگز ۽ 280 رنسن تان پهرين ٽيسٽ کٽي ورتي

سريلنڪا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ کي فالوآن ڪرڻ بعد اننگز ۽ 280 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا پاران پهرين اننگز 6 وڪيٽن تي 591 رنسن سان ڊڪليئر ڪرڻ بعد آئرلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 7 وڪيٽن تي 117 رنسن سان اننگز شروع ڪئي تھ سمورا بيٽر 143 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي يا، جنهن ۾ لورڪن ٽڪر 45 رنسون ٺاهيون ۽ گهربل اسڪور نھ ٿيڻ سبب فالوآن جو شڪار ٿي وئي، ٻي اننگز ۾ پڻ آئرلينڊ جا بيٽر وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جيڪي 168 رنسن تي سموريون وڪيٽون وڃائي پويلين موٽي ويا، آئرش بيٽرن مان هيري ٽيڪٽر 42، جارج ڊوڪريل 32 ۽ ڪرٽس ڪيمفر 30 رنسن سان نمايان رهيا، اهڙي ريت ٽيم جا 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ آئوٽ ٿي ويا. سريلنڪا جي بالرن مان پرابٿ جئي سوريا پهرين اننگز ۾ 7 ۽ ٻي اننگز ۾ 3 وڪيٽون وٺي مجموعي طور 10 شڪار ڪيا، رميش مينڊس 5 ۽ وشوا فرنانڊس بھ 4 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button