
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آخري ۽ پنجين ٽي 20 ميچ جي آمدني جا پيسا ترڪيا جي زلزلي متاثرن کي امداد طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ترڪيا ۽ شام ملڪن ۾ 6 فيبروري تي آيل زلزلي ۾ شديد تباهي آئي هئي، جنهن ۾ 65 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پي سي بي پنجاب حڪومت سان گڏجي امداد گڏ ڪري رهي آهي. هوڏانهن ميچ کان اڳ ٻئي ٽيمون خاص ڪيپ پائي متاثرن سان يڪجهتي ڏيکارينديون.