راولپنڊي: 5 ٽي-ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 جي برابر ڪري ڇڏي، جڏهن ته هڪ ميچ برسات سبب ملتوي ٿي وئي هئي. آخري ٽي-20 ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 194 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي مارڪ چيپمين جي شاندار سينچري ذريعي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو. نيوزيلينڊ طرفان مارڪ چيپمين 104 ۽ جمي نيشام 45 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليٿم ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، محمد رضوان جي ناقابل شڪست 98 رنسن جي بدولت پاڪستان نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 194 رنسن جو هدف ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close