رانديون

انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ، هيمپشائر نارٿمپٽن کي اننگز ۽ 270 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ هيمپشائر نارٿمپٽن کي اننگز ۽ 270 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس 6 وڪيٽون ورتيون. انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ هيمپشائر نارٿمپٽن کي اننگز ۽ 270 رنسن تان شڪست ڏني، فاتح اليون پهرين اننگز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 482 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس 33 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، ناڪام ٽيم ٻي واري ۾ 63 رنسن تي حوصلو وڃائي ويٺو. ٻي واري ۾ محمد عباس 31 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، سسڪس ۽ يارڪشائر بغير ڪنهن نقصان جي ختم ٿي، سسڪس پهرين اننگز ۾ 361 ۽ ٻي اننگز ۾ 137 رنسون ٺاهيون، يارڪشائر ٻي ڪوشش ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 298 ۽ 138 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button