رانديون

ڀارتي عورت ريسلرز جا بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر تي جنسي هراساني جا الزام

نئين دهلي: ڀارتي عورت ريسلرز حڪمران جماعت بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر برج ڀوشن شرن سنگهه تي جنسي هراساني جو الزام لڳائيندي ڌار ڌار شڪايتون داخل ڪرايون آهن. ڀارتي عورت پهلوانن بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر ۽ ريسلنگ فڊريشن آف انڊيا (ڊبليو ايف آءِ) جي صدر برج ڀوشن شرن سنگهه جي خلاف پوليس ۾ ڌار ڌار شڪايتون داخل ڪرايون، جنهن ۾ مٿس جنسي هراساني ۽ مجرماڻين ڌمڪين جو الزام آهي. نئين دهلي جي ڪناٽ پليس پوليس اسٽيشن ۾ جمعي جي ڏينهن داخل ڪرايل شڪايتن ۾ پهلوان عورتن جنسي طور تي هراسان ڪرڻ کان پوءِ واقعن جو حوالو ڏنو آهي، جيڪي 2012ع ۽ هاڻوڪا آهن، شڪايت ڪندڙ پهلوان عورتن جو چوڻ هو ته کين نتيجن کي منهن ڏيڻ جو ڊپ آهي. نئين دهلي ۾ بي جي پي اڳواڻ خلاف احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button