
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ دنيا ۾ ٽي 20 ليگز جي وڌندڙ اثر ۽ ان فارميٽ کي وڌيڪ اهميت ملڻ پريشاني ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد بورڊ جي اختيارين وچ ۾ دي هنڊريڊ کي ٽي 20 فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ، 220 پائونڊ ساليانو معاهدي سبب دي هنڊريڊ في الحال جيئن جو تيئن جاري رکيو ويندو.