رانديون

ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ 3 مئي تي ميچ کيڏندا، تياري هلندڙ

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ون ڊي سيريز جا باقي ٽي ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪرايا ويندا، جنهن لا تياري زور شور سان جاري آهي. ميڊيا مطابق نيشنل اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين ميچ 3 مئي تي کيڏي ويندي، ان کان اڳ ٽيمن جا رانديگر ڪراچي پهچي پريڪٽس سيشن پڻ ڪندا. هوڏانهن اسٽيڊيم جي چيئرمين باڪسز، پي سي بي گيلري، ڊريسنگ رومز ۽ هاسپيٽلٽي باڪسز کي رنگ ڪري تيار ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ پچز جي شڪايتن کي سامهون رکي ان کي معياري بڻائڻ لاءِ ڪيوريٽرز پڻ سرگرم ٿي ويا آهن. هوڏانهن مليل رپورٽ تحت مداحن ٽڪيٽون خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي نھ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button