رانديون

ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي، مون رد ڪيون: زينب عباس

پاڪستان جي اسپورٽس ويمن رپورٽر زينب عباس چيو آهي تھ مون کي ڪيريئر جي شروعات ۾ ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي، جن کي مون رد ڪيو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجا 5 ڀائر آهن، انهن ۾ مان اڪيلي ڀيڻ آهيان، تنهنڪري ننڍپڻ انهن سان گڏ ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٻيون رانديون کيڏندي گذريو، مون کي جڏهن ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي تُھ مون اهي رد ڪيون، ڇاڪاڻ تھ مون ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر بڻائڻ چاهيو پئي. هن چيو تھ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ محمد وسيم سڀني کان وڌيڪ شرميلو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button