
ڀارت ۾ ريسلنگ فيڊريشن جي چيئرمين ۽ بي جي پي اڳواڻ برج ڀوشن شرن سنگهه تي عورت ريسلرز پاران جنسي هراسمينٽ جو الزام لڳايو ويو، جنهن بعد انهن احتجاج شروع ڪيو تھ ٻيا بھ ڪيترائي مرد ۽ عورت ريسلرز سندن احتجاج ۾ شامل ٿي ويا. هوڏانهن سيڪيورٽي صورتحال پيدا ٿيڻ تي متاثر پهلوانن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي سيڪيورٽي گهري، جنهن تي عدالت کين سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڪيو، جنهن بعد دهلي پوليس 7 ئي پهلوانن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب پهلوانن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. برج ڀوشن ٻڌايو تھ ريسلرز جو احتجاج هاڻ سياسي آهي.