رانديون

آئي پي ايل ۾ جهيڙي تان ڪوهلي ۽ گهمڀير مٿان ڏنڊ جي سزا

آئي پي ايل جي ٽيمن رائيل چيلنجرز بينگلور ۽ لکنئو سپر جائنٽس وچ ۾ ميچ دوران ويرات ڪوهلي، گوتم گهمڀير ۽ نوين الحق وچ ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل جهيڙي بعد ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ويرات ڪوهلي ۽ گوتم گهمڀير کي ڏوهي قرار ڏيندي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ٻئي ڄڻا ضابطا اخلاق ٽوڙڻ تي ميچ فيس 100 سيڪڙو ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جا پابند هوندا. هوڏانهن ويرات ڪوهلي سماجي رابطن واري پيج تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي تھ جيڪو ڪجهه اسين ٻڌون ٿا، اهو ماڻهن جو خيال هوندو آهي، حقيقت ناهي هوندي. هوڏانهن نوين الحق ويرات ڪوهلي جو نالو وٺڻ بنا کيس جوب ڏنو تھ اوهان کي اهو ئي ڪجهه ملڻ گهرجي، جنهن جا اوهين حقدار آهيو، ائين ئي هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button