رانديون

آمريڪا جي 3 ڀيرا گولڊ ميڊلسٽ ايٿليٽ پراسرار نموني فوت

اولمپڪس راندين ۾ ٽي گولڊ ميڊلسٽ رهندڙ آمريڪا جي ايٿليٽ ٽوري بووي پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي، جنهن جي موت جو سبب معلوم نھ ٿي سگهيو آهي. ميڊيا مطابق ٽوري بووي جي موت جي خبر سندس دوست شيلي اين فراسر سماجي رابطن واري پيج تي ڏني آهي. هن لکيو تھ منهنجي دل ٽٽي پئي آهي ۽ اها ڌڙڪڻ پڻ ڇڏي رهي آهي، ڇاڪاڻ تھ اسان جي اڳوڻي چيمپيئن ۽ گولڊ ميڊلسٽ دوست ٽوري بووي هاڻ هن دنيا ۾ نھ رهي آهي. هوڏانهن ٽوري بووي جي موت جا ڪارڻ سامهون نھ اچي سگهيا آهن. هوڏانهن ورلڊ ايٿليٽ فيڊريشن پڻ انتهائي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. مقامي شيلف جو چوڻ آهي تھ ٽوري ڪجهه ڏينهن کان منظرعام تي نھ هئي، پر هو واقعي کي شڪي نٿو سمجهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button