پي سي بي جي اختيارين اڳوڻي تيز بالر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ نديم خان کي ڪجهه وقت اڳ پاسيرو ڪرڻ بعد ملازمت تان بھ فارغ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي وڏي ڀا نديم خان کي احسان ماني جي دور ۾ عهدي تي مقرر ڪيو ويو، نجم سيٺي جي سربراهي ۾ مينيجمينٽ ڪاميٽي اچڻ بعد نديم خان کي ڪجهه وقت اڳ اهم ذميوارين تان پاسيرو ڪري ويمنز ونگ ۾ موڪليو ويو هو، جنهن بعد هاڻ کيس عهدي تان پڻ هٽايو ويو آهي. نديم خان ماني جي دور ۾ اهم فيصلا ڪيا هئا، ڇوتھ هو ان وقت بااثر ترين عهديدارن ۾ ڳڻيو ويندو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close