رانديون

سعودي ليگ پاران ميسي کي 400 ملين ڊالر ساليانو ڏيڻ جي آڇ

ارجنٽينا کي فٽبال جو عالمي ڪپ کٽرائيندڙ رانديگر ليونل ميسي جي فرينچ ڪلب مان رڪنيت معطل ٿيڻ بعد سندس سعودي فٽبال ڪلب ۾ شموليت جا امڪان آهن، ذريعن جو چوڻ آهي تھ ميسي کي سعودي ليگ پاران 400 ميلن ڊالر ساليانو ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي. جڏهن تھ رونالڊو کي 160 ملين ڊالر ملي رهيا آهن، ذريعن موجب ميسي سان معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ اهو تاريخي جو وڏي ۾ وڏو معاهدو هوندو. جڏهن تھ ميسي جو پي ايس جي سان معاهدو ايندڙ مهيني ختم ٿيڻ بعد معاملا حتمي شڪل اختيار ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي تھ سعودي حڪومت پڻ ميسي جي پرو ليگ جي هلندڙ سيزن ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، تنهنڪري معاهدو جلد ٿيڻ جا امڪان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button