رانديون

ساجد سدپارا اضافي آڪسيجن بنا مائونٽ ايوريسٽ فتح ڪندو

پاڪستان جي مشهور جبل چاڙهو ساجد سدپارا اضافي آڪسيجن بنا مائونٽ ايوريسٽ فتح ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي کي فتح ڪرڻ خاطر ساجد سدپارا پنهنجي سهڪاري اداري يا دوستن سان پڻ معاملا طئي ڪري ورتا آهن. ساجد سدپارا جو چوڻ آهي تھ مون 20 مئي کان ايوريسٽ جي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪابھ اضافي آڪسيجن نھ هوندي. هن جو چوڻ هو تھ گلگت بلتستان حڪومت يا ڪنهن اداري مهن لاءِ سپورٽ ناهي ڪيو، پر مان پنهنجي مرحوم والد جو مشن پورو ڪندس. ياد رهي تھ مائونٽ ايوريسٽ 8 هزار 886 ميٽرن واري بلند ترين چوٽي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button