رانديون

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي شيڊول جو اعلان، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي ٿيندي

دبئي: ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هاءِ وولٽيج ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 15 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي پر شروعاتي رپورٽن ۾ ميچ جي هنڌ جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ميزبان ٽيم ڀارت جو مقابلو 8 آڪٽوبر تي آسٽريليا سان ٿيندو.

ٻئي طرف پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 13 آڪٽوبر تي ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ کٽيندڙ ٽيم خلاف کيڏندو. قومي ٽيم جون ميچون ترتيبوار 13 آڪٽوبر تي ڪواليفائنگ ٽيم، 15 آڪٽوبر تي ڀارت، 17 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ، 21 آڪٽوبر تي افغانستان، 29 آڪٽوبر تي انگلينڊ، 2 نومبر تي بنگلاديش، 5 نومبر تي آسٽريليا سان کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 15 نومبر ۽ ٻيو سيمي فائنل 16 نومبر تي کيڏيو ويندو، ٽورنامينٽ جو فائنل 19 نومبر تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button