
يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري اٽالين اوپن ٽورنامينٽ ۾ چيڪ رانديگرياڻي مارڪيٽا ونڊروسوف کي هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق چيڪ رانديگرياڻي ماريا سڪاري هٿان شڪست بعد ٽورنامينٽ ۾ پنهنجو سفر ختم ڪري ويٺي آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي مقابلي ۾ آسٽريلين جوليا گريڀر بھ روس جي ڊاريا ڪساٽڪينا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي تھ آئيگا سوائيٽڪ پڻ پنهنجي اهم ميچ کيڏي رهي آهي.