رانديون

ڪائونٽي ۾ ڊرهم هڪ وڪيٽ تان يارڪشائر کي هارائي ڇڏيو

ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊرهم اتهائي دلچسپ مقابلي ۾ هڪ وڪيٽ تان يارڪشائر کي هارائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب يارڪشائر جا رانديگر انتهائي پريشان نظر آيا آهن. ميڊيا مطابق ڊرهم جي ٽيم يارڪشائر پاران ٻي اننگز ۾ 246 رنسن جو ڏنل هدف 9 وڪيٽن تي پورو ڪري ڪامياب ٿي آهي. ان کان اڳ يارڪشائر پهرين اننگز ۾ 254 ۽ ٻي اننگز ۾ 218 رنسون ڪيون، جن ۾ جارج هل ففٽي ٺاهي سگهيو، موٽ ۾ ڊرهم پهرين اننگز ۾ 227 ۽ ٻي اننگز ۾ 246 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي آهي، ٽيم جي بالرن مان ميٿيو پاٽس 8 ۽ بين رائني 7 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button