رانديون

پاڪستان آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندو، شيڊول جاري

پاڪستان آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندو، جنهن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پاران 2023ع ۾ رٿيل عالمي هوم سيريز جي شيڊول ۾ پاڪستان کي بھ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ پاڪستان سان گڏ ويسٽ انڊيز مينز، ويمنز ٽيمون ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون پڻ آسٽريليا اچي کيڏنديون. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي پڌرائي موجب پاڪستان ۽ آسٽرليا ۾ ٽن ميچن واري ٽيسٽ سيريز کي قادر ٽرافي جو نالو ڏنو ويو، جيڪي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هونديون. جڏهن تھ ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ 14 کان 18 ڊسمبر تائين پرٿ جي ميدان، ٻي ٽيسٽ ميلبورن ۾ 26 کان 30 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي ۽ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 کان 7 جنوري 2024ع آخري ٽيسٽ ميچ ٿيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪپتان بابراعظم آسٽريليا جو ٽيون ڀيرو دورو ڪندو، ان کان اڳ 2016ع ۾ مصباع الحق ۽ 2019ع ۾ اظهر علي سان گڏ آسٽريليا ۾ جو دورو ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button