رانديون

پاڪستان پهرين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪاميابي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين کيڏندي رڳو 128 رنسن جو هدف ڏئي سگهي. جڏهن تھ بنگلاديش جو ڪپتان محمد اللھ 6، محمد نائم هڪ، سيف حسن هڪ، نجم الحسين شنٽو ، امين اسلام 3، 7 ۽ تسڪين احمد 8 رنسون ٺاهي ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا. جڏهن تھ عفيف حسين 36، مهدي حسن 30 ۽ نور اللھ 28 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان 128 رنسن جي هدف پويان بيٽنگ شروع ڪئي تھ اها مشڪلاتن جي ور چڙهي وئي. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم 7 ۽ محمد رضُوان 11 رنسون ٺاهيون، فخر الزمان ۽ خوشدل 34، 34 اسڪور ڪيو، شاداب خان 21 ۽ محمد نواز 18 رنسن سان تيز کيڏي ٽيم کي آخري اوور ۾ کٽرائي ورتو. حيدر علي ۽ شعيب ملڪ ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. ميچ ۾ حسن علي 3 وڪيٽن سان پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. محمد وسيم 2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button