رانديون

پاڪستان انڊر 19 پنجين ون ڊي ۾ بھ بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

پاڪستان جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پنجين ون ڊي ۾ بھ بنگلاديش جي انڊر 19 ٽيم کي 80 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم 8 وڪيٽن جي 244 رنسون ٺاهي بنگلاديش کي 245 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ حمزا نواز 72، شاهزيب خان 67، آذان اويس 41 ۽ عرفات منهاس 40 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ بنگلديش جي بالر محفوظ الرحمان 4 وڪيٽون ورتيون آهن. بنگلاديش جا بيٽر رڳو 164 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ محمد شيهاب جيمز 56، ڪپتان احرار امين 53 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستاني بالرن مان علي اسفند ۽ عرفات منهاس 3،3 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن محفوظ الرحمان 4 وڪيٽون وٺڻ باوجود بنگلاديش کي شڪست کان بچائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button