رانديون

پاڪستاني فٽبال ٽيم کي محفوظ ماحول ڏينداسين: ڀارتي فيڊريشن

ڪرڪيٽ تڪرار جي ابتڙ ڀارت سيف گيمز ۾ پاڪستاني ٽيم کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت جي فٽبال فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري شاجي پرڀاڪرن چيو آهي تھ پاڪستاني فٽبال ٽيم کي ڀارت ۾ خوش آئيند ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪنداسين. مقامي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران شاجي پرڀاڪرن جو چوڻ هو تھ ڪرڪيٽ تڪرار سيف گيمز ۾ اچڻ جو امڪان ناهي، ڇاڪاڻ تھ پنهنجي حڪومت سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. هن چيو تھ ميزبان طور اسين چاهينداسين تھ سڀ اچي کيڏن، خطي جي ٽيمن جي تحفظ جي ذميواري اسان جي آهي ۽ ان جو بندوبست ڪيو ويندو. هن چيو تھ پاڪستان کي پڻ محفوظ ماحول ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button