رانديون

ايشيا ڪپ: افغان ۽ نيپالي ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ راضي

ايشيا ڪپ جي مقابلن جي تاريخ ۽ ايونٽ بابت مثبت ڳالهيون رپورٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جن تحت سريلنڪا بعد افغانستان ۽ نيپال جي ڪرڪيٽ بورڊز پاڪستان ۾ اچي کيڏڻ جي خاطري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت پاران ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نھ موڪلڻ واري ضد بعد مثبت رخ سامهون آيو آهي تھ افغانستان ۽ نيپالي بورڊز اي ميل ذريعي پي سي بي کي هتي اچي کيڏڻ جو يقين ڏيايو آهي. جڏهن تھ ٻنهي بورڊز جو چوڻ آهي تُھ يو اي اي جي موسم گرم هجڻ سبب اتي کيڏڻ نٿا چاهيون. هوڏانهن ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس پڻ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جا اشارا مليا آهن، جن ۾ ايونٽ جي تاريخن جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو تھ ڀارت پاران هائبرڊ ماڊل تي اعتراض هاڻ ڪا حيثيت نٿو رکي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button