رانديون

اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ لاءِ آئي سي سي درخواست ڏئي ڇڏي

اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ لاءِ آئي سي سي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اولمپڪس ڪاميٽي کي فائدن جي هڪ فهرست پڻ ٻڌائي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آئي سي سي اولمپڪس ڪاميٽي کي ڏنل درخواست ۾ ڪرڪيٽ جا ايونٽ ڪرائڻ جي اپيل بھ ڪئي آهي. جڏهن تھ آئي سي سي اولمپڪس ڪاميٽي سان ڳالهين لاءِ جئي شاهه جي اڳواڻي ۾ هڪ اهم ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي، جنهن بعد آئي سي اهو پڻ فيصلو ڪيو آهي تھ اولمپڪس ڪاميٽي آڏو هڪ ماڊل تيار ڪري اها تجويز رکي ويندي تھ مرد ۽ عورتن جون 6،6 ٽيمن کي ٽي 20 فارميٽ ۾ کيڏايون وڃن. آئي سي سي جو موقف آهي تھ اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ شامل ڪرڻ سان ڀارت جي مارڪيٽ ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿيندي، جنهن ۾ ڀارت مان اولمپڪس رائٽس جي مد ۾ 130 کان 260 ملين ڊالر ملي سگهندا. آئي سي سي اهو پڻ چيو آهي تھ دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرڪيٽ جا مداح موجود آهن، 90 سيڪڙو ماڻهو اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ ڏسڻ گهرن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button