
پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد ثقلين چيو آهي تھ ڪجهه ڪاريون رڍون هاڪي فيڊريشن ۽ حڪومتي عهديدارن کي گمراهه ڪري رهيون آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ هاڪي ۾ تڪرارن کي گڏ ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، ان ڏس ۾ هڪ طرفي ڪاروائي ڪڏهن بھ نھ ٿيڻ گهرجي. هن چيو تھ هاڪي کي فنڊز جي ضرورت آهي. هوڏانهن پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي نائب صدر ۽ صوبائي وزير شهلا رضا بيان ۾ چيو آهي تھُ هاڪي فيڊريشن جي چونڊ آئين تحت ٿي، ڪو غيرقانوني عمل نھ ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير خواجا آصف کي غلط ڄاڻ ڏني وئي آهي.