رانديون

ڪراچي ۾ ضلعي انتظاميا عمران خان ڪرڪيٽ گرائونڊ ڊاهي ڇڏيو

ڪراچي ۾ ضلعي انتظاميا عمران خان جي نالي سان تعمير ڪيل ڪرڪيٽ گرائونڊ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عمران خان گرائونڊ پي ٽي آئي جي ايم اين اي عالمگير خان پاران پارلياماني فنڊن مان گلشن اقبال ۾ تعمير ڪرايو ويو هو. ڊي ايم سي اولهه جي انتظاميا گرائونڊ جي تعمير منظوري بنا ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪيو آهي. جڏهن تھ اسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ مشينري ذريعي ڪاروائي ڪري گرائونڊ جي نالي وارا بورڊ ختم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي تھ هي عوامي پارڪ هو، پر ان تان قبضو نھ پئي ڇڏيو ويو، پارڪ کي عوام جي نالي ۾ قائم ڪيو ويو، پر عام ماڻهو کي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نھ هئي، جنهن کي ڪمرشل بنيادن تي هلايو پئي ويو. هوڏانهن اسٽنٽ ڪمشنر ستار ابڙو ميڊيا کي ٻڌايو تھ ڊي سي اولهه جي هدايتن تي ڪاروائي ڪئي آهي، جنهن کي هاڻ عام ماڻهن لا کولي ڇڏيو آهي. هن چيو تھ غيرقانوني طور پبلڪ پراپرٽي ٿي قبضو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button