رانديون

پاڪستان ويمن ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا

پاڪستان ڪپ آف ويمن ٽورنامينٽ جي ٻئي مرحلي واريون ميچون اڄ کان ڪراچي ۾ اسٽيٽ بينڪ جي ميدان تي کيڏيون وينديون، ٽورنامينٽ جي فيصلائتي رائونڊ ۾ فائنل جي فاتح ٽيم کي انعام ۾ 10 لکي رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ميچن ۾ ٽي ٽيمون ستن مقابلن ۾ حصو وٺنديون، جنهن جي تياري مڪمل ٿي وئي آهي. پي سي بي جي جاري ڪيل بيان موجب ٽورنامينٽ جو فائنل 4 جون تي ٿيندو، جنهن جي فاتح ٽيم کي 10 لک رپيا ۽ ٽرافي ڏني ويندي. جڏهن تھ رنر اپ ٽيم کي 5 لک رپيا ملندا، اهڙي ريت پليئر آف دي ٽورنامينٽ کي 50 هزار رپيا انعام ڏنو ويندو ۽ بهترين پرفارمنس ڏيندڙ رانديگر کي انعام طور 20 هزار رپيا ملندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button