رانديون

ثانيا مرزا فيمينا انسپائريشن آف جنريشن ايوارڊ ماڻي ورتو

ڀارت جي اڳوڻي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار ثانيا مرزا فيمينا انسپائريشن آف جنريشن ايوارڊ ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا پاڻ کي مليل ايوارڊ واري تصوير شيئر ڪري مداحن کي آگاهي بھ ڏني آهي. ثانيا مرزا ايوارڊ واري تصوير ۽ ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت واريون تصويرون شيئر ڪيون ۽ ڪيپشن ۾ لکيو تھ مون کي هي اهم ايوارڊ ڏيڻ تي مان فيمينا وارن جي گهڻي ٿورائتي آهيان. ياد رهي تھ مڙس شعيب ملڪ کان علحدگي وارين خبرن بعد ثانيا مرزا اڪثر اڪيلي ايونٽس ۾ نظر اچي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button