رانديون

ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ ڪواليفائر جي شيڊول جو اعلان

آئي سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ ڪواليفائر جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي ٽن هفتن تي ٻڌل اهم ٽورنامينٽ کي ٻن گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت ويسٽ انڊيز، زمبابوي، نيڌرلينڊ، يو ايس اي ۽ نيپال گروپ اي ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ گروپ بي ۾ سريلنڪا، آئرلينڊ، يو اي اي، عمان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. زمبابوي ۾ 18 جون کان 9 جولائي تائين رٿيل مقابلن ۾ ٻھ ڀيرا فاتح ويسٽ انڊيز بھ ڪواليفائي ڪرڻ وارن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، رائونڊ ميچن بعد سپر سڪس مقابلا ٿيندا، فائنل 9 جولائي تي هراري ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button