رانديون

پاڪستان ڪپ ويمن ۾ بلاسٽرز هٿان چيلنجرز کي شڪست

پاڪستان ڪپ ويمن جي مقابلن ۾ پي سي بي بلاسٽرز 6 وڪيٽن تان پي سي بي چيلينجرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيلنجرز جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 117 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ جويريا خان 37 رنسن سان نمايان رهي، جويريا رئوف 20، امبر ڪائنات 15 رنسون ڪيون، ٻھ بيٽر ٻڙي ۽ 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ آئوٽ ٿيون، بلاسٽرز جي بالرن ڊيانا بيگ 4 ۽ عائشا بلال 3 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ بلاسٽرز 4 وڪيٽن تي 121 رنسون ٺاهي 121 رنسن سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ منيبا علي 35، ارم جاويد 25، دعا ماجد 20 رنسون ڪيون. جڏهن تھ چيلنجرز جي بالر نورين يعقوب 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button