رانديون

پاڪستان جونئير هاڪي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي لاءِ پرعزم

عمان جي شهر صلالا ۾ ايشيا ڪپ جي جاري مقابلن ۾ پاڪستان بهترين راند کيڏڻ عيوض ورلڊ ڪپ ۾ سڌو ڪواليفائي ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي، رانديگرن بھ ڪواليفائي ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ ۾ 2 ميچ کٽڻ ۽ هڪ برابر ٿيڻ بعد ٽيم ڪواليفائي جا امڪان وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ تھ ڀارت خلاف ميچ ڊرا ٿيڻ سان ٻنهي ٽيمن جون پوائينٽس 7،7 جي حساب سان برابر آهن، جيڪڏهن جاپان کي ميچ ۾ هارائڻ ۾ ڪامابي ملي يا ميچ ڊرا ٿي تھ ان صورت ۾ پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪري وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button