رانديون

نيشنل گيمز ۾ آرمي جون تيراڪ اڳيان، جاڙين ڀينرن گولڊ ميڊل کٽيو

نيشنل گيمز ۾ آرمي جون تيراڪ ميڊلز جي ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳيان آهن، جڏهن تھ هنزا جي جاڙين ڀينرن گولڊ ميڊل کٽي ميدان ماري ورتو آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي نشتر پارل اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جاري تيراڪي جي مقابلن ۾ آرمي جي تراڪن ڪل 16 گولڊ ميڊلز سميت 25 ميڊلز کٽيا آهن. جڏهن تھ بسما خان کي بهترين تيراڪ قرار ڏنو ويو آهي، جن 3 انفرادي ۽ 2 ريلي گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آهن. هوڏانهن هنزا واسي جاڙين ڀينرن منيشا 70 ڪي جي ۽ مليحا 65 ڪي جي ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽي پاڻ ملهايو آهي. ياد رهي تھ ٻنهي ڀينرن عالمي سطح تي پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button