رانديون

عثمان بوزدار ۽ جان شير خان ۾ ميگا ايونٽ ڪرائڻ تي اتفاق

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جان شير خان وچ ۾ اسڪوائش جو ميگا ايونٽ ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ميڊيا مطابق پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان اسڪواش چيمپيئن جان شير خان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اسڪوائش کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو تھ پنجاب ۾ اسڪوائش کي هٿي ڏيڻ جي مد ۾ ٽريننگ اڪيڊميون ٺاهينداسين. هن چيو تھ صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ بھ راندين کي هٿي وٺرائڻ جي رٿا تي ڪم ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button