رانديون

پاڪستان ٻئي ٽي 20 ۾ بھ بنگلاديش کي هارائي سيريز کٽي ورتي

پاڪستان ٻئي ٽي 20 ۾ بھ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ بنگلاديش ٽن ميچن واري سيريز ۾ اڃا ڪا ميچ نھ کٽي سگهيو آهي. ميڊيا مطابق ٻي ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي، جيڪو فيصلو سندن حق ۾ بهتر ثابت نھ ٿيو ۽ سموري ٽيم 109 جي معمولي اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ بنگلاديش مان نجم الحسين شنٽو 40 رنسن سان نمايان رهيو، عفيف 20، ڪپتان محمد اللھ 12 رنسون ٺاهي سگهيا آهن. سيف حسن ٻڙي، نورل حسن 11، مهدي حسن 3، امين السلام 8 ۽ تسڪين احمد 2 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستان 110 رنسن جو هدف 19 اوور ۾ ماڻي ورتو، بيٽر فخر زمان 57 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. هن ميچ ۾ پاڪستان جا ڪل 2 بيٽسمين آئوٽ ٿيا ۽ ٽيم 8 وڪيٽن تان فتح ماڻي آهي. محمد رضوان 39 رنسون ٺاهيون، ڪپتان بابراعظم هڪ رنس تي آئوٽ ٿيو، شاهين شاهه آفريدي ۽ شاداب خان 2 ،2 وڪٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button