رانديون

محمد وسيم واري سليڪشن ۾ ٻيا ماڻهو شامل هئا: راشد لطيف

پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف انڪشاف ڪيو آهي تھ محمد وسيم جي ظاهر ۾ ون مين شو  واري سليڪشن ۾ پردي پويان ڪيترائي ماڻهو شامل هوندا هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڪامران مظفر پردي پويان ويهي شاندار ڪم ڪيو، کيس سامهون اچڻ نھ ڏنو ويندو هو، اڄ جي دور ۾ حسن چيما جو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ڪامران مظفر جو هو، پر کيس ڪريڊٽ نھ مليو. هن چيو تھ ظاهري طور لڳندو هو محمد وسيم جينئس انسان آهي، اهو ڪم ڪامران مظفر ڪيو پئي، تنهنڪري ان جي خدمتن کي مڃتا ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button