رانديون

آئي سي سي پاران عالمي ٽورنامينٽس لاءِ پاڪستان محفوظ ملڪ قرار

پاڪستان جو دورو ڪندڙ آئي سي سي جي چيئرمين گريگ بارڪلي ۽ چيف ايگزيڪيٽو جيوف الارڊائيس پاڪستان کي عالمي ڪرڪيٽ لاءِ محفوظ ملڪ قرار ڏئي مقامي سطح تي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ڏيکاري آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم جو چيئرمين ۽ سي اي او ٻن ڏينهن جي دوري ۾ لاهور جو قلعو، ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ پاڪستان سيف سٽي اٿارٽي جو معائنو ڪيو، ان دوران ٻنهي عهديدارن پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي ۽ ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪري سندن موقف پڻ معلوم ڪيو آهي. جڏهن تھ ملاقات دوران پي سي بي عهديدارن سان ملاقات ۾ ڪرڪيٽ بابت ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ بابت بھ ويچار ونڊيا ويا آهن. ذريعن موجب پي سي بي عهديدارن ڳالهين دوران عالمي تنظيم جي سربراهن کي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت وڃڻ جي پڪ ناهي ڏني ۽ موقف اختيار ڪيو تھ ڀارت وڃي کيڏڻ جو دارومدار ايشيا ڪپ تي آهي آئي سي سي جي چيئرمين گريگ بارڪلي جو چوڻ هو تھ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ واپس اچي چڪي، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ڪاميابي سان ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو تُھ مرد ۽ عورتن جي ٽيمن کي اڳيان ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪرڪيٽ ۾ هر ملڪ جون معاشي ۽ مقامي حالتون ڌار آهن، جيڪي درجيبندي طور بھ ڌار آهن. هن چيو تھ پي سي بي ٻھ طرفي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button