
پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري ۾ ون ڊي بابت اڳڀرائي نھ ٿي سگهي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ڪرڪيٽ ٽيمون رٿيل شيڊول تحت رڳو ٽيسٽ سريز کيڏنديون، جنهن ۾ ون ڊي سيريز جو آپشن قبول نھ ٿي سگهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ شيڊول هجڻ سبب سريلنڪن بورڊ ون ڊي ميچن جي سيريز جي تجويز ڏني، پر ٻنهي بورڊز جي مصروفيتن سبب ان حوالي سان معاملا طئي نھ ٿي سگهيا آهن.